ديوان حيدر

ديوان حيدر (ڪتاب): هي فارسي ديوان، سنڌ جي نامور شاعر حيدر ڪلوچ پاٽائيءَ جي شعرن جو مجموعو آهي. آخري عمر ۾ سنڌ ۾ اچي پاٽ شهر ۾ رهيو ۽ اتي ئي دفن آهي. ’تحفهء سامي‘ جي مصنف هن کي صاحب ديوان شاعر لکيو آهي. هن هزارين شعر لکيا. هن جي ديوان ۾ غزل، قصيدا، مثنويون، رباعيون ۽ مفردات موجود آهن. شاهه اسماعيل صفويءَ جي دؤر جو هي شاعر ٿور پڙهيو هوندي به عروضي فن جو ماهر ۽ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو ديوان زماني جي ستم کان بچي نه سگهيو، پر سندس ڪجهه غزل ۽ رباعيون سنڌ جي مختلف قلمي بياضن کان سواءِ ننڍي کنڊ جي معروف تذڪرن ۾ پڻ ملن ٿا.. حيدر ڪلوچ جي شاعري جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ سال 1956ع ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ حفيظ هشاپوري کي ڏنو هو پر اهو بعد ۾ گم ٿي ويو ۽ شايع ٿي نه سگهيو. حيدر ڪلوچ جو اڻ ڇپيل ڪلام پنجاب يونيورسٽي ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو